چاليهه حديثون2 (ڪتاب)

چاليهه حديثون2 (ڪتاب)

چاليهه حديثون2 (ڪتاب)

چاليهه حديثون2 (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ مولانا محمد اسماعيل عودويرح جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو پهريان 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ليٿو تي ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ان کي حاشين سان مولانا حڪيم شفيع محمد سميجي نئين سر ترتيب ڏنو آهي ۽ جون 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مولانا محمد اسماعيل عودويرح جي سوانح حيات ۽ علمي خدمتن تي پروفيسر عبدالوحيد مورياڻيءَ جو لکيل مضمون ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ ننڍا ننڍا عنوان ڏئي، نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جون حديثون ڏنيون ويون آهن. هر عنوان کان پوءِ حديث جو عربي متن، ترجمي ۽ تشريح سان ڏنو ويو آهي. آفيسٽ پيپر جي رنگين ٽائيٽل سان 70 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 16 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو